18 سومر , جون 2018

پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي، پاڪ ڊي جي ايم او چيو آهي ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي معاهدي جي ڀڃڪڙي بند ڪري، پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جي جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي گاڏي تي ڀارتي فوج طرفان فائرنگ تي پاڪستان احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڊي جي ايم او چيو ته ڀارت جون ايل او سي تي ڀڃڪڙيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿينديون، ڀارتي فوج جي اهڙين ڪاررواين سان سرحدي ڇڪتاڻ وڌندي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي تاڏي کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا، ڊي جي ايم او چيو ته اهو رستو اختيار نٿا ڪرڻ چاهيون، جتي هڪ ٻئي جي سپلاءِ لائن بند ڪريون، ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے