ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي چيو آهي ته سندس خلاف گواهي ڏيندڙن کان الله پڇندو.
ريڪارڊ ٽمپرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ملڻ کان پوءِ عدالت جي اڱڻ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ظفر حجازي چيو ته منهنجي خلاف پيش ٿيندڙن کان الله پڇندو، آئون رڳو ايترو ئي چوندس ته انهن کي الله هدايت ڪري.
هڪ سوال جي جواب ۾ ظفر حجازي چيو ته ڪيس داخل ٿيو ته پوءِ ڇا ٿي پيو، آئون پنهنجي عهدي تي رهي ڪم ڪري سگهان ٿو………..