20 اربع , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز نيوز |پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شهباز شريف نواز شريف کي 6 ارب رپين جا تحفا ڏنا.

هن چيو ته  شهباز شريف 6 ارب رپين جو ڪنهن به مني ٽريل ۾ ذڪر ئي نه ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف خانداني شگر ملز لاءِ به اثر رسوخ استعمال ڪيو.

عمران خان موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف عوامي عهدو رکڻ سان گڏ ذاتي ڪاروبار سان به ڳنڍيل رهيو آهي.

عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ شهباز شريف ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي جنهن تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڏهون 2017-09-19

ميرپورخاص جي ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ريجن ۾ هڪ سئو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي