22 اتوار , اپریل 2018

عوامي آواز نيوز |پي ايس 114 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ڪيس جي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي

اليڪشن ڪميشن پي ايس 114 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ڪيس جي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار ڪامران ٽيسوري جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ٿي.

پيپلز پارٽي جي اميدوار سعيد غني طرفان سينيٽر اعتزاز احسن الڪيشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو، ڪامران ٽيسوري جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

ڪامران ٽيسوري اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني ته ان جو وڪيل بيمار آهي ان ڪري ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿي سگهندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي اميدوار جي درخواست منظور ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي …….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: سکر: پوليس جي ڪارروائي، تشدد جو نشانو بڻايل عورت آزاد

*سکر ۾ پوليس ڪارروائي ڪري مڙس جي تشدد جو نشانو بڻايل عورت کي آزاد ڪرائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے