24 جمعہ , نومبر 2017

عوامي آواز نيوز |پاناما ليڪس ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ۽ ملڪيت ضبط ٿي سگهي ٿي: فواد چوڌري

تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ۽ ملڪيت ضبط ٿيڻ جي سزا ملي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  نواز شريف نااهلي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته اڄ درخواستگذارن جا دليل مڪمل ٿيندا، سڀاڻي شريف خاندان جا وڪيل دليل مڪمل ڪندا.

سندس چوڻ هو ته نعيم بخاري نواز شريف کي عدالت ۾ گهرائڻ جي درخواست ڪئي آهي.

فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي اهڙي نتيجي تي پهتي جنهن تي سپريم ڪورٽ جا 2 جج پهچي چڪا آهن.

هن چيو ته جعلي دستاويزن تي مريم نواز هاڻي ڪرمنل ڪيس کي منهن ڏئي رهي آهي.

فواد چوڌري چيو ته  نواز شريف ملڪ مان پئسو ڪمائي پرڏيهه ۾ ٻارڙن جي نالي تي ملڪيت ٺاهي رهيو آهي.

هن چيو ته قطري شهزادي جو خط به ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، شريف خاندان پهريون عوام، پارليامينٽ ۽ هاڻي واري سپريم ڪورٽ سان فراڊ ڪري رهيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته نواز شريف وٽ هڪ ڏينهن آهي، استعيفيٰ ڏئي پاڻ کي جاچ ادارن حوالي ڪري، شريف خاندان پاناما ليڪس جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، کين ڪير به ٻاهر ڪڍي نه ٿو سگهي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز | برطانيا جي گهرو وزارت پاران نيب جي حسين نواز ڪيس ۾ سهڪار واري درخواست منظور

برطانيا جي گهرو وزارت نيب جي حسين نوازجي ڪيس ۾ قانوني سهڪار ڏيڻ واري درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے