22 اتوار , اپریل 2018

عوامي آواز رپورٽ|ميرپورخاص: ڪالج جي انتظاميا قيمتي تاريخي وڻ وڍرائي وڪرو ڪري ڇڏيا

ميرپورخاص ۾ شھيد راڻي جي نالي سان منسوب گورمينٽ بي نظير ڀٽو شھيد ھائير سيڪنڊري ڪالج جي انتظاميا قيمتي تاريخي وڻ وڍرائي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن. وڻن جي واڍي جي اطلاع تي ميڊيا جي ٽيم پھتي ته نا معلوم وڻ وڍيندڙ ٽريڪٽر ٽرالين ۾ وڻ کڻي فرار ٿي ويا.

ڪاليج ۾ ھر طرف وڍيل وڻن جون ٽاريون وکريل آھن..

تاريخي قديمي وڻن تي آکيرا ٺاھي ويٺل پکين جا آکيرا اجڙي ويا، پکي پکڻ اڀ ڏانھن رڙيون ڪري رھيا ھئا.

ميرپورخاص جي ھن ڪالج ۾ وڻ ڪنھن وڍرايا؟ ڇو وڍيا اھو ٻڌائڻ لاء ڪوبه تيار نه آھي.

ميڊيا جي مداخلت تي ڊي  سي ميرپورخاص  ڪالج اندر قيمتي وڻ وڍي وڪرو ڪندڙ سوين شاگردياڻين کي وڻ وڍيندڙن خلاف ڪاروائي جو يقين  ڏياريو آھي.

ٻئي طرف سول اسپتال ميرپورخاص مان پڻ قيمتي وڻ وڍيا ويا آھن.

ڪجھه ڏيھن اڳ بينظير ڀٽو شھيد جي نالي سان سنڌ ھارٽيڪلچر جي زمين تي ڪالوني ٺاھڻ لاء پڻ قيمتي انبن جا وڻ وڍيا ويا ھئا جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڻن جي واڍي تي حڪم امتنائي ڏنو ھو.

ميرپورخاص ۾ قيمتي وڻن جي وڍيندڙن کي بي لغام ڪرڻ چند ڏوڪڙن عيوض وڻن جو خون ڪرڻ تي شھرين سول سوسائٽي جي اڳواڻن شديد تحفظات جو اظھار ڪيو آھي.

هنن حڪومت کان گھر ڪئي آھي ته ان عمل کي فوري طور روڪيو وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لاکاروڊ : ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ بعد آبادگار بارداڻي لاءِ پريشان

سنڌ ۾ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ شرط پاڻي کوٽ خلاف اڳ ئي سراپا احتجاج بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے