23 اربع , مئي 2018

نواز شريف جي وزيراعظم رهڻ جو هاڻي ڪو به جواز ناهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

مٺي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو آهي ته  نواز شريف جي هاڻي وزيراعظم رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. مٺيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ هاڻي وڌيڪ شاهديون اچي چڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حالتون وزيراعظم نواز شريف خلاف وڃي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبيڪا جي موت افسوس جوڳو آهي، جنرل جوزف جو تعزيت جو اظهار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل جوزف پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي لاڏاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے