25 اڱارو , جولاءِ 2017

عوامي آواز نيوز |مدئجي: ٻن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ بروهي برادريءَ جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال

مدئجي ۾ ٻن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ بروهي برادريءَ جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

بروهي برادري جي قتل ڪيل رسول بخش بروهي ۽ سعيد بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف بروهي برادري جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪندي احتجاج ڪيو ويو.

نياز بروهي، امداد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪندي جندوديرو پل تي پهچي احتجاجي ڪئمپ هڻي سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻي دوران روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جنهن دوران مظاهرين ۽ مسافرن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون.

ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي مظاهرين چيو ته ٻه مهينا اڳ هاءِ اسڪول سامهون اسان جي برادري جي رسول بخش بروهي ۽ سعيد بروهي کي پنهور برادري کي هٿياربندن سرعام فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن سبب جوابدار گرفتار نٿا ٿين.

ايس ايڇ او مدئجي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرائي ورتو…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز| سرحد: عورتن جو بااثر جي  زيادتين خلاف احتجاج

سرحد ۾ عورتن الزام هنيو ته بااثر سندن  زمين تي قبضو ڪري رهيو آهي ۽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي