25 اڱارو , جولاءِ 2017

پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو، نوجوانن جي شهادتن تي پاڪستان جو احتجاج

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج طرفان پاڪ فوج جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ تي پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائين تي رابطو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان چار جوانن جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني ڊي جي ايم اوز ڀارتي هم منصب سان هاٽ لائين تي رابطو ڪري گذريل ڏينهن وادي نيلم ۾ ڀارتي فوج جي طرفان فائرنگ جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني جوانن جي شهادت تي احتجاج ڪيو. هن ڀارتي هم منصب کي چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت تي جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿي. هن چيو ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي بند ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي