25 اڱارو , جولاءِ 2017

جي آءِ ٽي رپورٽ بي بنياد، تعصب تي ٻڌل ۽ غير منصفاڻي آهي: وزيراعظم جا اعتراض

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪرڻ ۽ والديم 10 فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نواز شريف طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ شامل بلال رسول جو تعلق تحريڪ انصاف ۽ عامر عزيز جو واسطو ق ليگ سان آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي ميمبرن کي ڌمڪين بابت ڳالهيون به عدالت تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي. وزيراعظم نواز شريف موجب  برطانيا ۾ هائير ڪيل فرم واجد ضياءَ جي سئوٽ اختر راجا جي آهي، جيڪو تحريڪ انصاف جو ڪارڪن آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته دستاويز حاصل ڪرڻ بابت جي آءِ ٽي ڪنن جو بيان رڪارڊ نه ڪيو، ڪو به دستاويز تصديق ٿيل ۽ اوريجنل ناهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته  جي آءِ ٽي پرڏيهه مان غير قانوني طور دستاويز حاصل ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي اختيارن جي دائري مان نڪري ڪم ڪيو، الزام هيٺ آيل ماڻهن کي ڪي به دستاويز نه ڏيکاريا ويا. درخواست ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي عدالت اڳيان چيو ته مڪمل رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، هاڻي کين وڌيڪ رڪارڊ جمع ڪرڻ نه ڏنو وڃي. وزيراعظم موجب نامڪمل رپورٽ تحت الزام هيٺ آيل ماڻهن خلاف آرڊر پاس نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اعتراض واريو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ نامڪمل ۽ نقصن سان ڀرپور آهي، الزام هيٺ آيل ماڻهن جي ٽرائل لاءِ قانون موجب مواد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، غير شفاف جاچ کي رد ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته فيئر ٽرائل الزام هيٺ آيل ماڻهن جو بنيادي حق آهي، عدالت قرار ڏئي چڪي آهي ته شفاف جاچ کانپوءِ ئي ٽرائل شفاف هوندو،  سمورو جاچ عمل تعصب تي ٻڌل، غير منصفاڻو ۽ ڌريو آهي. وزيراعظم موجب وزيراعظم خلاف شاهديون عدالتي اختيار استعمال ڪرڻ برابر آهن، جي آءِ ٽي جا وزيراعظم بابت اعتراض تعصب ظاهر ڪن ٿا، رپورٽ ۾ وزيراعظم جي ذات، نوڪري بابت حقيقتون تصوراتي آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي