24 جمعہ , نومبر 2017

چمن ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، 1 اهلڪار شهيد

چمن(ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان سرحدي علائقي ڪلي باچا ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 1 اهلڪار شهيد ٿي ويو. چمن جي سرحدي علائقي ڪلي باچا ۾ اڻڄاتل دهشتگردن ايف سي چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو چيڪ پوسٽ جي ڀرسان لڳايو ويو هو جنهن جو مقصد جوانن کي نشانو بڻائڻ هو، ڌماڪي کان پوءِ ايف سي علائقي کي ڪڙو چاڙهي دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالت طرفان اڄ بليڪ فراءِ ڊي خلاف ضروري بندوبست ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ۾ اڄ جمعي 24 نومبر کي بليڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے