25 اڱارو , جولاءِ 2017

ڪراچي: اورنگي مان 2 ٽارگيٽ ڪلرن سميت 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ مختلف ڪارروائين جي نتيجي ۾ ٻن ٽارگيٽ ڪلرن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ايس پي ارونگي عابد علي بلوچ موجب پير آباد ۾ ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٻن ٽارگيٽ ڪلرن محمود عالم ۽ شهزاد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٻه ٽي ٽي پستول هٿ ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته انهن جوابدارن 2010ع ۾ لساني فسادن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو هو. ٻي ڪارروائي ۾ پاڪستان بازار جي علائقي مان اسٽريٽ ڪرمنل معراج کي هٿيار ۽ موٽر سائيلڪ سميت گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته مسواڙ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي محمد حسين ۽ منصور عالم کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئل ٽئنڪر مالڪن جي ٻي ڏينهن به هڙتال،  تيل جو بحران پيدا ٿيڻ شروع

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) آئل ٽئنڪرز ايسوسيئيشن جي هڙتال جي ٻئي ڏينهن پئٽرول جي فراهمي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي