24 جمعہ , نومبر 2017

پاناما ڪيس سان پاڪستان جو مستقبل ڳنڍيل آهي، نواز شريف استعيفيٰ ڏئي: شاهه محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاناما ڪيس سان پاڪستان جو مستقبل ڳنڍيل آهي، قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته ملڪي مفاد ۾ نواز شريف مستعفيٰ ٿئي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، سڄي قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي لڳل آهن، دعا آهي ته پاڪستان جنهن ڀنور ۾ ڦاٿل آهي ان مان نڪري وڃي ۽ درست قطار ۾ هلي پئي. هن وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته مخالف پارٽين ۽ وڪيلن سميت سڀ وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هڪ ليگي طبقو چوي ٿو ته وزير اعظم مستعفيٰ ٿي ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري. ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ وزير اعظم مستعفيٰ ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي سفير جي ملاقات

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ترڪيءَ جي سفير صادق بابر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے