25 اڱارو , جولاءِ 2017

جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ناهي، ججن دستاويزن تي سوال اٿاريا آهن: دانيال عزيز

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته جي آءِ ٽي جاچ دوران پنهنجي اصل رستي تان هٽي وئي،  رپورٽ ۾ تمام گهڻو جهول آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته  ججن بار بار دستاويزن جي تصديق لاءِ سوال اٿاريا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اسٽپني وڪيل دليل ڏنا آهن. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ فائنل ناهي،  شاهديون پهريون ڏينهن کان ڪاغذ جي رد قرار ڏنا پئي ويا. دانيال عزيز چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ اهم حقيقتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  2004ع جا دستاويز ثابت نه ٿيا ۽ 2006 جي دستاويزن جي تصديق ٿي وئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ رپورٽ جي هڪ هڪ صفحي تي بحث ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته رپورٽ ۾ گهڻي قدر موسٽ لائيڪلي جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. دانيال عزيز چيو ته جي آءِ ٽي دوران آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ کي منظر تي آندو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي