24 آچر , سيپٽمبر 2017

چيلهه جي  سور جوعلاج هٿوڙن سان ڪندڙ ڊاڪٽر

ڪولالمپور(ويب ڊيسڪ)چيله سور ان قدر حساس نوعيت جو معاملو هوندو آهي  جو ڊاڪٽر ان ۾ وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي  هدايت ڪندا آهن ۽ چيلهه جي وڌيڪ مالش کان به منع ڪندا آهن پر ملائيشيا جو هڪ ڊاڪٽر اهڙو آهي جيڪو چيلهه جي سور جو علاج ڪنهن ڊاڪٽري طريقي سان نه پر هٿوڙن جي مدد سان ڪري رهيو آهي آهي.عام طور تي چيلهه جي سرڪڻ کي ڏسڻ لاءِ پهريان ايڪس ري يا ايم آر آئي ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جي شناخت کان پوءِ آپريشن جي ضرورت پوندي آهي ان لحاط کان چيلهه کي هٿوڙن جو عمل خطرناڪ ڏيکاري ڏيندو آهي. پر محمد رشدي حسن ايم آر آئي رپورٽ ۾ ايڪس ري تي اعتبار ڪرڻ بجائي پنهنجي هٿن ۽ اڱريون  سان چيلهه جو معائنو ڪري ۽ اتي سياهه جو استعمال ڪري نشانا لڳائي ان تسلي کان پوءِ لڪڙي جو ٽڪرو ۽ هٿوڙو کڻي ۽ ضربون سان چيلهه کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.داڪٽر جو چوڻ آهي هن علاج سان ڪوبه مسئلو ناهي ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بل گيٽس ايندڙ 10 سالن ۾ صحت جي وڏن خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)بل ۽ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن پنهنجي پهرين ساليانا“گول ڪيپر رپورٽ“ پيش ڪندي  چيو ته عالمي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي