24 آچر , سيپٽمبر 2017

جي آءِ ٽي سان فوج جو تعلق ناهي، سازش واري سوال جو جواب ئي نٿو ٺهي: فوجي ترجمان

راولپنڊي (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج راجگال جي علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن خيبر فور شروع ڪري ڇڏيو آهي، آپريشن جو مقصد سرحد پار موجود داعش جي پاڪستاني علائقن ۾ ڪارروائين کي روڪڻ آهي، آئين ۽ قانون جو احترام هر پاڪستاني جو فرض آهي، سي پيڪ منصوبي تي پوري قوم ۽ سڀئي ادارا هڪ آهن، ان منصوبي کي ڪنهن به طور ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪلڀوشن ياديو آرمي چيف کي رحم جي اپيل ڪئي آهي ۽ ان تي جلد ميرٽ ۽ انصاف مطابق فيصلو ٿيندو، آمريڪا جي هيٺئين ايوان ۾ آندل بل تي پابنديون ناهن، پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ سميت سڀني دهشتگردن خلاف بنا متڀيد ۽ فرق جي آپريشن ڪيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ ۾ تيزي اچڻ تي ڌيان هٽائڻ لاءِ لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي شروع ڪري ڇڏيندو آهي. آچر ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج آچر کان راجگال جي علائقي ۾ خيبر فور آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد سرحد پار موجود ويڙهاڪ تنظيم داعش جي پاڪستاني علائقن ۾ ڪارروائين کي روڪڻ آهي، سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد ڪاميابي سان جاري آهي، خيبر فور آپريشن به رد الفساد جو حصو آهي. هن چيو ته راجگال فاٽا جو ڏکيو علائقو آهي جيڪو 12 هزار کان 14 هزار فوٽ اوچائي تي آهي، اهو آپريشن زميني حقيقتن جي تناظر ۾ مشڪل هوندو. هن چيو ته تازو پاره چنار مان جيڪي دهشتگرد پڪڙيا ويا آهن انهن جون داعش سان رابطي جون شاهديون مليون آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 98 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، آپريشن ضرب عضب 2014ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن دوران انٽيليجنس بنياد تي 9 هزار کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا جڏهن ته 46 وڏا آپريشن ٿيا جن ۾ ڪيترائي علائقا ڪليئر ڪرايا ويا. هن چيو ته افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جتي انهن تارن سان گڏوگڏ نيون چوڪيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلبوشن ياديو سزا خلاف فوجي اپيليٽ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي پر ان کي رد ڪيو ويو آهي. هاڻي هن آرمي چيف کي رحم جي اپيل ڪئي آهي جنهن جو آرمي چيف جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان بابت جلد ميرٽ ۽ انصاف جي گهرجن مطابق فيصلو ٿيندو. هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس جو معاملو ڪيترائي ادارا ڏسي رهيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ داعش جو وجود ناهي، پر اها افغانستان ۾ منظم ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف واويلا جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر شخص کي راءِ جي اظهار جي آزادي آهي پر ڪو به محب وطن پاڪستاني ڪنهن به اهڙي مهم جو حصو نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته سي پيڪ تي سڄي قوم ۽ ادارا هڪ آهن، ان جي سيڪيورٽي جي ذميواري پاڪ فوج جي آهي ۽ پاڪ فوج ان منصوبي لاءِ هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو چوڻ ته پاڪ فوج ڪنهن سازش جو حصو آهي ته ان جو جواب ڏيڻ ئي نٿو ٺهي. جي آءِ ٽي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان سان فوج جو سڌيءَ ريت ڪو به تعلق ناهي، جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ ٺاهي، اهو معاملو سپريم ڪورٽ وٽ آهي ۽ ان کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج پاڪستان لاءِ آهي ۽ دهشتگردي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي آهي، اسان ان جنگ ۾ دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏني آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته پاڪستان ۾ داعش جا ڪيترا ماڻهو آهن، ترجمان جو چوڻ هو ته اها جنگ ان لاءِ مشڪل آهي جو ڪنهن جي نرڙ تي ناهي لکيل ته اهو دهشتگرد آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا جي هيٺئين ايوان ۾ جيڪو بل پاس ٿيو آهي اهو ڀارت جي ٻن حامي ميمبرن پيش ڪيو، پر اهو بل ڪو پابنديون ناهي اڃا ان بل تي دفاع واري سيڪريٽري کي راءِ ڏيڻي آهي جنهن کان پوءِ اهو صدر وٽ ويندو. هن چيو ته پاڪ فوج آئين جي عملداري چاهي ٿي. اهو چوڻ ته آرمي ڪنهن سازش جو حصو آهي. ان سوال جو جواب ڏيڻ به نٿو ٺهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس سفارتي استثنيٰ تحت واپس ويو. جڏهن ته ان معاملي ۾ ڪيترن ئي ادارن ڪردار ادا ڪيو هو. ريمنڊ ڊيوس جهڙن ماڻهن طرفان ڪتاب لکڻ جا گهڻا مقصد هوندا آهن ۽ اهو وقت ٻڌائيندو ته ان جا ڪهڙا مقصد آهن. هن چيو ته ڪراچي آپريشن جي نتيجي ۾ بهتري آئي. جتي دهشتگردي جي واقعي ۾ 98 سيڪڙو ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 97 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڪراچي ۾ ٻيا مسئلا به آهن. جنهن ۾ پاڻي جو مسئلو آهي. سي پيڪ، پاڪستان جي ترقي مناسب آهي ۽ ان خلاف سازشون ناڪام وينديون.  ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو پيغام پڙهي ٻڌايو. جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ امن قائم ڪري رهيا آهيون ۽ مستقل استحڪام ڏانهن وڌي رهيا آهيون. ان لاءِ پاڪ فوج ملڪ جي سمورن ادارن سان گڏجي پنهنجو ڪردار اد اڪندي رهندي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهل شخص پارٽي جو سربراهه نه ٿو ٿي سگهي: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي