24 سومر , جولاءِ 2017

حڪمران فوج ۽ عدليه تي حملو ڪرڻ وارا آهن، نواز شريف هاڻ جدي نه اڊيالا جيل ويندو: عمران

 اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪانصاف جي چيئرمين عمرارن خان چيو آهي ته نواز شريف لاءِ جمهوريت ڪرپشن بچائڻ جو نالو آهي. حڪومت ڊڄي وئي آهي. انصاف نه مليو ته ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏيندس. مليو ته خوشيون ملهائينداسين. ن ليگ وارئو شرم ڪريو، ڇا کي سازش پيا چئو. جي آءِ ٽي زبردست ڪم ڪيو. ڪالهه تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن راولپنڊي ۾ مري روڊ تي جي آءِ ٽي جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ۽ نعري بازي ڪئي. اسلام آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو. جتي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. جنهن تي تنقيد ڪندي عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته حڪومت تحريڪ انصاف کان ڊڄي وئي آهي. ان لاءِ پوليس گهرائي وئي. ن ليگ وري فاشزم جو مظاهرو پئي ڪري. نواز شريف لاءِ جمهوريت رڳو سندس ڪرپشن بچائڻ جو نالو آهي. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ خوشيون ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيندس. يا توهان کي انصاف قائم ڪرڻ لاءِ دعوت ڏيندس. هاڻ سٺي موسم اچڻ واري آهي. نظر اچي پيو ته هاڻ تبديلي اچي پئي. هن چيو ته پهرين ماڻهو نواز شريف کي معصوم سمجهندا هئا پر هاڻ انهن۾ شعور اچي چڪو آهي. جي آءِ ٽي اهڙيون شيون ڪڍيون آهن جو هاڻ ڪنهن کي به نواز شريف بابت ڪو به شڪ نه رهيو آهي. نواز شريف جي به ايف زيڊ ڪمپني نڪري آئي آهي. منهنجو مقابلو سياسي مافيا سان هو. ثابت ٿي ويو گلف اسٽيل مل وٽ پئسا ئي نه هئا. ڪيلبري فونٽ بابت به ڪوڙ ڳالهايو ويو. جڏهن ته هنن کي انصاف لاءِ آندو وڃي ٿو ته اها سازش آهي. هنن چوري لڪائي ته اها سازش نه هئي. هن چيو ته سرڪاري ادارا شريف خاندان کي بچائڻ لاءِ دستاويز بدلائيندا رهيا. ن ليگ وارئو شرم ڪريو توهان ڇا کي سازش پيا چئو؟ هڪ خاندان جي چوري پيا بچايو. هن چيو ته معاشرو جنگ يا بمباري سان نه پر ملڪي ادارا تباهه ٿيڻ سان تباهه ٿئي ٿو. شريف خاندان 30 سالن کان پئسا چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃي رهيو آهي. نواز حڪومت مني لانڊرنگ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون ٺاهيو. ٻارن کي ملڪ کان ٻاهر ويهاري وڏن منصوبن جي ڪميشن ٻاهر اماڻي، نواز شريف جا ٻار جدي ۽ لنڊن ۽ اسحاق ڊار جا دبئي ۾آهن. ڊار هتان پئسا چورائي ٻاهر ٻارن کي اماڻي ٿو. جي آءِ ٽي زبردست ڪم ڪيو.هن چيو ته هي پارليامينٽ تباهه ڪري جمهوريت بچائڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. چئن سالن ۾ 117 ڪروڙ ٻاهر اماڻيا ويا. ان کان وڏي غداري ڪنهن به نه ڪئي. جي آءِ ٽي جي 60 ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جي اميد مونکي به نه هئي هنن مني لانڊرنگ جو نيٽ ورڪ وائکو ڪيو. سپريم ڪورٽ جي ڪري ايتري ڪامياب ٿي حڪمران هاڻ فوج ۽ عدليه تي حملو ڪندا. نواز شريف کي هاڻ نريندر مودي، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطري شهزادو نه ٿا بچائي سگهن. ايترا ماڻهو ڪڍنداسيون جو ان جو تاريخ ۾ مثال نه ملندو. نواز شريف کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. هاڻ هو جدي نه پر اڊيالا جيل ويندو. موٽر وي، ييلو ڪيب، اورينج ٽرين ۽ ميٽرو جهڙن منصوبن مان ڪميشن ٻاهر اماڻي وئي. ڪنوينشن ۾ شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جا نعرا هڻايا. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جا مريءَ ۾ صلاح مشورا، اياز صادق ۽ شاهد خاقان کي وزيراعظم مڃيندس: چوڌري نثار

اسلام آباد/مري (م ڊ) پاناما ڪيس ۾ امڪاني نااهليجي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙڻ، چوڌري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي