23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

تحريڪ انصاف اڳواڻ ناز بلوچ واپس پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي وئي

ڪراچي (م ڊ/رپورٽر) تحريڪ انصاف اڳواڻ ناز بلوچ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، کيس پيپلزپارٽي جي ميديا سيل ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناز بلوچ تحريڪ انصاف کي الله واهي ڪندي پ پ ۾ شموليت جوا علان ڪيو، ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر پڻ موجود هئي، ان موقعي تي ناز بلوچ چيو ته تبديلي جو نعرو هڻندي هڻندي تحريڪ انصاف پاڻ تبديل ٿي وئي، اهو ئي سبب آهي ته مون پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪئي، هن چيو ته آئون سنڌ جي ڌيءُ آهيان پر تحريڪ انصاف جو فوڪس رڳو پنجاب آهي، جنهن ڪري پ پ ۾ شموليت بعد ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن آئون ٻيهر پنهنجي گهر واپس موٽي آئي آهيان، ناز بلوچ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي ترجماني ڪري رهيو آهي، منهنجي تربيت جمهوري انداز ۾ ٿي، جنهن ڪري اڳوڻي پارٽي تي ڪابه الزام بازي نه ڪنديس، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ نوجوانن جي ڪابه ترجمان نه پئي ٿئي، سنڌ ۾ غير سياسي ماڻهن کي قيادت ڏني وئي آهي، عمران خان ڪارڪنن  جو آواز ٻڌي ته جيئن پارٽي بچي سگهي، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو رخ رڳو پنجاب ۽ مرڪز آهي، جنهن سبب ڪراچي ۽ سنڌ نظرانداز آهي، عمران خان جڏهن به ڪراچي ايندو آهي ته مقامي قيادت کيس ڪارڪنن کان پري رکندي آهي، پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر ناز بلوچ کي پ پ ۾ اچڻ تي ڀيلڪار ڪندي چيو ته ناز بلوچ جي شموليت بعد پ پ اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندي، چونڊن ۾ اسان ڪراچي ۾ اڪثريت حاصل ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضيٰ ڪيس خارج ۽ بينظير ڪيس دير سان هلايو ويو:غنويٰ ڀٽو

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوي ڀٽو چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي