24 سومر , جولاءِ 2017

گورنر کي سنڌ جا مفاد عزيز ناهن، نئب بل اعتراضن تي اسيمبلي ۾ بحث ڪرائينداسين: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گورنر جا مفاد سنڌ جي مفادن وٽان نه آهي، نئب خاتمي بل تي وري اسيمبلي ۾ بحث ڪنداسين. سنڌ ۾ گندي پاڻي جو مسئلو آر بي او ڊي جي ڪري آهي. اهو حل ڪري رهيا آهيون.پ پ جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ناز بلوچ کي پارٽي جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، نازبلوچ جي شموليت سان پارٽي وڌيڪ طاقت سان اڳتي وڌندي، سندس  ۽ منهنجو والد سنڌ اسيمبلي ۾ گڏ هئا. جڏهن ته عام چونڊن ۾ به پ پ ڪراچي مان اڪثريت حاصل ڪندي. پي ايس 114 تي 4 سياسي جماعتن کي شڪست ڏني. ايندڙ عام چونڊن ۾ به پ پ پوري ملڪ ۾ ڪامياب ٿيندي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته هن چيو ته ماڻهن جي وڃڻ سان پارٽي تي ڪوبه فرق نه پوندو، پاڻي جو مسئلو نازڪ آهي جنهن جو اسان کي احساس آهي، اهي سڀ مسئلا آر بي او ڊي جي ڪري ٿي رهيا آهن، مشڪلاتون آهن جنهن ڪري واٽر بورڊ ڪميشن ٺهيو، هن چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪري رهيا آهيون، 1999 ۾ مشرف نيب جو قانون ايمرجنسي ۾ لاڳو ڪيو هو، جڏهن نيب قانون پيش ڪيو ويو ته ان جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي هئي، گورنر سنڌ نيب قانون خاتمي واري بل تي جيڪي به اعتراض لڳايا آهن انهن تي اسميبلي ۾ ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته نيب بل تي گورنر جا اعتراض نوان ناهن، گورنر کي بل واپس ڪرڻ جا اختيار آهن، صوبي جو گورنر هوندي ان کي صوبي جا مفاد عزيز ناهن، نيب بابت سپريم ڪورٽ به چيو هو ته نيب دفن ٿي چڪو آهي. 17 هين ترميم ۾ هن بل کي تحفظ حاصل هو، نيب ڪرپشن کي ختم نه ڪري سگهيو آهي جڏهن  ته نيب کي صرف پلي بارگيننگ ۾ ڪاميابي ملي آهي، پيپلز پارٽي ڪرپشن جي خلاف آهي. هن چيوته نئب قانون پيش ڪرڻ وقت تفصيلي بريفنگ ڏني وئِي هئي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جا مريءَ ۾ صلاح مشورا، اياز صادق ۽ شاهد خاقان کي وزيراعظم مڃيندس: چوڌري نثار

اسلام آباد/مري (م ڊ) پاناما ڪيس ۾ امڪاني نااهليجي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙڻ، چوڌري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي