21 منگل , نومبر 2017

جبري گمشدگين سان نفرت پيدا ٿيندي آهي، نواز شريف استعيفيٰ ڏئي: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته  وزير اعظم نواز شريف کي هر صورت ۾ استعيفيٰ ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن هن ايئن نه ڪيو ته ان سان سندس سياسي مستقبل کي وڏو نقصان پهچندو جنهن جو شايد ڪڏهن پورائو نه ٿي سگهي، سکر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن طور پوري يقين سان چوان ٿو ته جي آءِ ٽي ميمبرن پوري ايمانداري سان جاچ رپورٽ پيش ڪئي آهي، نواز ليگ وارا مضبوط موقف نه هجڻ ڪري جي آءِ ٽي ميمبرن تي الزام تراشي ڪري رهيا آهن، خورشيد شاهه چيو ته پاناما ڪيس توڙي جي آءِ ٽي رپورٽ تي اسٽيبلشمينٽ جو اثرانداز ٿيڻ واري الزام ۾ ڪا صداقت ناهي، اسٽيبلشمينٽ ان مامري ۾ اڻڌري رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز سرڪار جي يادداشت ڪمزور آهي ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم ٿيڻ شرط پرڏيهي وزارت جو عهدو عزيز احمد حوالي ڪيو هو هن به سمجهيو ته پرڏيهي وزارت جي عهدي جي ڌار اهميت آهي پر الائجي ميان نواز شريف پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ناڪام پرڏيهي پاليسي سبب پاڪستان کي عالمي سطح تي ڪيترائي نقصان رسي رهيا آهن، خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اڄ سومر ڏهاڙي ڪوشش ڪندي ته پنهنجو جواب داخل ڪرائڻ بهاني عدالت کان وقت وٺي، سمورا مامرا واضح ٿي ويا آهن تنهنڪري وقت ڏيڻ جي ضرورت ته نه آهي پر جيڪڏهن عدالت وقت ڏئي ٿي ته به هفتي اندر مامرو ختم ٿيڻ گهرجي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان زرداري سان هڪ ئي ٿالهي ۾ گڏ کائيندو رهيو آهي، اهو زرداري خلاف ڳالهائي نه ٿو سگهي، سنڌ اندر پيئڻ جي صاف پاڻي بابت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ واري سوال تي خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي تمام وڏو مسئلو آهي، مان بار بار دانهيندو رهيو آهيان ته حڪومت ملڪي معيشت تي ڌيان ڏئي، سنڌ مان جبري گمشدگين واري سوال تي خورشيد شاهه چيو ته، 60 نه پر سنڌ مان لغاري سميت ٽي چار ماڻهن جي جبري گمشدگي جي کيس ڄاڻ آهي، ملڪ اندر قانون ۽ آئين موجود آهي، عدالت کان مٿانهان قدم کڻي شهرين کي جبري طور گم ڪرڻ سان رياست خلاف نفرت پيدا ٿيندي، ادارن کي آئين جي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ 30 ڏينهن ۾ به اچي سگهي پئي 60 ڏينهن ته تمام گهڻا هئا، هن چيو ته جي آءِِ ٽي رپورٽ تي عدالتي فيصلو اچڻ تي هنگامي جي ڪا ضرورت ناهي، عدالتي فيصلو جيڪو به آيو سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو، ان تي ڪنهن کي شور ڪرڻ توڙي طاقت ڏيکارڻ جي ضرورت ناهي، ملڪ ۾ توهين عدالت جو قانون ۽ ان تي عملدآمدي جو طريقيڪار موجود آهي، پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪنهن به ريت سي پيڪ تي اثرانداز نه ٿيندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي وقت کان چونڊن جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪندي، آئين اندر اسميبليون ٽوڙڻ کانسواءِ ٻئي وزير اعظم جي چونڊ جي گنجائش موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے