25 سومر , سيپٽمبر 2017

ن ليگ ۾ ڏار پوڻ وارا آهن: آصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته اسان کي اڃا فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. آئون جي آءِ ٽي رپورٽ پڙهندس. ن ليگ ڪجهه برقترار رهندي ڪجهه ماڻهو ضرور ڇڏيندا. جن جا ڪم نه پيا ٿين ۽ ناراضگيون آهن. اهي ن ليگ ڇڏيندا. بول ٽي وپي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته ذوالفقار کوسي جو بيان پڙهو. سياست ۾ رابطا هوندا آهن. هن چيو ته ن ليگ حڪومت ۾ ورتل 30 ارب ڊالر قرض ڪيڏانهن ويا. انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. نواز شريف ويندو ته جاچ ٿيندي. حڪومت ٽيڪس وصول نه ڪري سگهي. هن چيو ته دنيا ۾ حڪومتن خلاف لهر هلي رهي آهي. نواز شريف به اهڙي معاملي کي منهن ڏئي رهيو آهي. شريف خاندان جا اثاثا دريافت ڪرڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. اڪائونٽ فوري طور تي منجمد نه ٿيندا. انهن وٽ پاڪستان جي معيشيت وڏو ڪيڪ آهي. خورشيد به کين چيو آهي ته ڪير حڪومت خلاف سازشون پيو ڪري، اها ڳالهه ته هو نٿا ڪن. حقيقت تي نٿا اچن. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميان واپس پيو اچي، گهڻن کي مايوسي ٿيندي: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو): قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي زبان سان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي