25 سومر , سيپٽمبر 2017

قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ خلاف آسٽريليا ۾ جست جو احتجاجي مظاهرو

سڊني ( پ  ر) جيئي سنڌ تحريڪ انٽرنيشنل ڪميٽي پاران سڊني آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن اڳيان سنڌ جي  سمورن گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف مظاهرو ڪيو ويو جست اڳواڻ فراز ابڙو، ديوان سرمد ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن چيو ته سنڌ صدين کان هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت  ۾ رهي آهي  پاڪستاني رياست طرفان جبري طور گم ڪيل قومي ڪارڪن ڪي ڏوهاري نه پر پنهنجي مادر وطن جي تاريخي حق جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. جست اڳواڻن دنيا جي سمورين انساني حقن جي تنظمين کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جڏهن ته جست اڳواڻن پريس پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته 17 جولاءِ سومر تي سڊني آسٽريليا  ۾ گڏيل قومن جي آفيس UNO, هيومن رائيٽس جي آفيس ۾ جبري گمشدگين خلاف يادداشت نامو پيش ڪيو ويندو.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميان واپس پيو اچي، گهڻن کي مايوسي ٿيندي: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو): قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي زبان سان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي