21 منگل , نومبر 2017

سنڌ دشمن رٿائن خلاف ماتلي ۽ جنگشاهي ۾ ريليون، پيپلن سنڌ کنڊر ڪري ڇڏي آهي: اياز لطيف

ماتلي/جنگشاهي (رپورٽون: غلام رسول بلوچ+ظهير پليجو ) ماتلي ۽ جنگشاهي ۾ قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ نيب قانون ختم ڪرڻ، ڪرپشن، دهشتگردي، انتهاپسندي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. ماتلي ۾ اياز لطيف پليجو، انور سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، عذره رند، انور نوحاڻي، مصطفيٰ نظاماڻي، ايس ايس ٽي جي عدنان بروهي، وهاب ڪنراڻي، ڌڻي بخش کوسو، سفير نظاماڻي، نهال نوحاڻي ۽ هاشم ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ماتلي باءِ پاس کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، جنهن کانپوءِ ڳوٺ ملهڻ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي صدر مرحوم ممتاز نظاماڻي جي 22هين ورسي جو جلسه عام ڪيو. ملهڻ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي صدر ممتاز نظاماڻي جي ورسي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا شهر ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، 14 ضلعن جي لکين ماڻهن کي گٽر جو پاڻي پياريو پيو وڃي. نه اسڪول، نه اسپتالون، نه ڪارڊيالاجي جا وارڊ، نه ارٿوپيڊڪ جا وارڊ آهن، نه هيپاٽائٽس جي ويڪسين آهي ۽ نه ڪينسر جون اسپتالون آهن، هيپاٽائٽس ۾ ورتل معصوم ٻار، عورتون، نوجوان ۽ پيرسن ماڻهو علاج لاءِ پريس ڪلب اڳيان اپيلون ڪري رهيا آهن. ماتلي سميت سڄي سنڌ مان اربين روپين جو تيل، گئس نڪري ٿو، هن شهر اربين روپيا ڏنا آهن پر حڪمران نه ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ڏئي سگهيا آهن، نه هتي ڪا يونيورسٽي ٺاهي سگهيا آهن، جيڪي ماڻهو اڳ ۾ 10 هزار لاءِ پريشان هئا ۽ هڪ لک روپين لاءِ سڪندا هئا، انهن ڪرپشن ذريعي ۽ عوام جي پئسي تي ڌاڙا هڻي بحريا ٽائون، ڪراچي ڊفنيس، آمريڪا، لنڊن، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ اربين روپين جا محل ۽ ڪاروبار اڏي ڇڏيا آهن، اٽي، لٽي، اجهي ۽ شهيدن جا ڪوڙا نعرا هڻي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو آهي. سنڌ جا ماڻهو ڪرپشن خلاف ميدان تي اچن. ڪپڙن وانگر پارٽيون بدلائيندڙ وڏيرا تبديلي نٿا آڻي سگهن، اهي پنهنجن ضميرن جا سوديباز ڪن ٿا، غريب عوام کي به وڪڻڻ چاهين ٿا. گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي، جن تي ڏوهن جو الزام آهي، انهن کي عدالتن ۾پيش ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ نگران سيٽ اپ مرضيءَ جو آڻڻ لاءِ ڊرامو ڪري وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته برساتن کانپوءِ پاڻي بند ڪري فصل سڪايا ويندا. ڪمند ۽ ٻين فصلن جا اگهه ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو ويندو. سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا ۽ عالمي طاقتن جي ايجنٽن خلاف ميدان تي نڪري اچي. هن چيوته ادي ممتاز نظاماڻي سنڌ جي عظيم سورهيه نياڻي هئي، هن ڪالاباغ ڊيم خلاف، پاڻي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين مارچ ڪيو. هن ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي سنڌ ۽ پاڪستان جي عورتن جي نمائندگي ڪئي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي عوام کي جاڳايو، سنڌ کي ادي ممتاز نظاماڻي جهڙون مائرن ۽ ڀينرن جي همت، جرئت، ثابت قدمي سان بچائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي انور نوحاڻي، مصطفيٰ نظاماڻي، عدنان بروهي، وهاب ڪنراڻي، ڌڻي بخش کوسو، سفير نظاماڻي، نهال نوحاڻي، ٻڍل ميگهواڙ، باغي مصطفيٰ، گيانچند مهيشوري، اڪبر ڪنڀر ۽ هاشم ڪنڀر  ۽ ٻين خطاب ڪيو.  ٻي پاسي  قومي عوامي تحريڪ جنگشاھي پاران ڪوھستان ۾ ذوالفقارآباد  بحريه ٽائون ڪي فور ، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين سڀني سنڌ دشمن منصوبن خلاف ۽ پاڻي ۽ بجلي جي ھٿرادو کوٽ خلاف  ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ، پريس ڪانفريس  ۾ شبير ساند  چيو ته حڪمرانن جي بي انداز ڪرپشن جي ڪري سنڌي قوم سان ويساه گهاتي ڪئي وئي آھي ، عوام ايندڙ اليڪشن ۾ انهن کي مسترد ڪري پلاند ڪن ، جنگشاھي ۽ سبزعلي بروھي ۾ ترقياتي ڪمن جي بهاني سان ڪروڙين روپين جي ڳوٻين ھنن جا پت وائکا ڪري ڇڏيا آھن ، سنڌ واسين وٽ ھاڻي پهرين ۽ آخري اميد جناب اياز لطيف پليجو آھي ، جنهن سان سڀن کي اتحاد ڪري سنڌ جي تڪراري منصوبن کي ختم ڪرائڻ لاء گڏجي ھلڻو پوندو ، ھاڻي ڪنهن به صورت ڪرپٽ پارٽين کي ڪوڙن ووٽن ذريعي چاڙھڻ جو سلسلو ھميشه لاء بند ٿيڻ کپي ، نه ته عوام جا حال ساڳيا ھيڻا ۽ سور ٻيڻا ٿي پوندا ، ريلي ۾ جاويد بلوچ ، رياض بروھي ،جبار جوکيو ، سهراب پليجو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے