24 سومر , جولاءِ 2017

ماڊل قنديل جي قتل ۾ ملوث مفتي قوي جا عورت صحافي ۾ هٿ

ملتان (م د) ماڊل قنديل بلوچ جي معاملي جي ڪري مشهوري ماڻيندڙ مذهبي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مفتي عبدالقوي هڪ ڀيرو وري خبرن ۾ آهي. هن ڀيري بي بي سي جي رپورٽر هاني طحهٰ الزام هنيو آهي ته انٽرويو دوران مفتي قومي مون کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي. هاني طهٰ ٻڌايو ته مون قنديل معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ ساڻس ملاقات ڪئي. هن جواب ڏنو ته قنديل جي قتل ۾ ملوث نه آهيان ۽ بيگناهه آهيان ۽ قنديل جو قتل خدا جي مرضي هئي. پر هڪ ڳالهه مون کي به حيران ڪيو ته هن مون کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کيس چيو ته مون کي نماز پڙهڻي آهي ته هن مون کي منهنجي نالي جو مطلب سمجهائڻ شروع ڪيو  ۽ ڪئميرا جي سامهون منهنجي ڳلن کي هٿ لاتو. سمجهان ٿي ته هو ان جو ڪو سبب نه ٿو ٻڌائي سگهي. ٻئي طرف مفتي عبدالقوي صحافين کي ٻڌايو ته قنديل جي ورسي تي ٻيهر سازشون ڪيون پيون وڃن. عورت صحافي جو احترام ڪريان ٿو ۽ ميزبان هجڻ ناتي 10 مهينن کانپوءِ معاملو اٿارڻ سازش آهي. قنديل معاملي ۾ مون تي بهتان مڙهيا ويا. قنديل قتل نه پر شهيد ٿي هئي. هن جي مغفرت لاءِ دعا ڪندو رهندو آهيان. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جا مريءَ ۾ صلاح مشورا، اياز صادق ۽ شاهد خاقان کي وزيراعظم مڃيندس: چوڌري نثار

اسلام آباد/مري (م ڊ) پاناما ڪيس ۾ امڪاني نااهليجي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙڻ، چوڌري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي