23 جمعرات , نومبر 2017

پي ايس 114 ۽ اين اي 200 تي اليڪشن ڪميشن جو ٻٽو معيار آهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اين اي 260 ۾ ٿيل ننڍي چونڊ جا مبينه طور نتيجا ڦيرائڻ ۽ ڌانڌلي خلاف ڪوئيٽا ۾ احتجاج ڪندڙ پي پي پي ورڪرن تي پوليس پاران لاٺي چارج ۽ گرفتار ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود چونڊ نتيجا پڌرا نه ڪيا ويا، جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ پوري ٿيڻ کان اڳ ئي پي پي پي اميدوار مير محمد حسني جي پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشنن مان به ٻاهر ڪڍيو ويو هو.  پي پي پي چيئرمين چيو ته هڪ پاسي هارائيندڙ اميدوار جي سادي درخواست تي پي ايس 114 مان کٽيندڙ اميدوار سعيد غني جي ڪاميابي جو نوٽيفيڪيشن روڪيو وڃي ٿو ته ٻي پاسي اين اي 260 ۾ چونڊ نتيجا ڦيرائڻ ۽ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ پي پي پي ڪارڪنن تي پوليس کي بڇيو وڃي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري گرفتار ڪارڪنن جي بنادير آزادي ۽ ڌانڌلي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو ته پي پي پي پنهنجي مينڊيٽ ۾ هيرا ڦيري برداشت نه ڪندي. هن 2018 وارين چونڊن بابت قوم جي اميدن تي پاڻي ڦيرڻ جهڙين ڪوششن کي بروقت روڪڻ تي زور ڏيندي چيو ته عوام کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ اميدون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليگين کي شرم اچڻ کپي (عمران) ن ليگ جي فتح ناهي: شيخ رشيد

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نااهليءَ باوجود نواز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے