25 اڱارو , جولاءِ 2017

سنڌ سرڪار ملڪ اسد سڪندر آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، راضپي لاءِ ڪوششون، احتجاج جاري

ڄامشورو(ڊ    ر)  ملڪ اسد ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار ختم نه ٿيو: ڄامشورو ۾ چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري، حڪومت طرفان ملڪ اسد کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون.تفصيل موجب:ڄامشورو ضلعي جون ڪجهه ديهون ملير ضلعي ۾ سامل ڪري ملڪ رياض کي فائدو ڏيارڻ جي حوالي سان ڄامشورو ضلعي جي واحد پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ سنڌ حڪومت  وچ ۾ پيدا ٿيل  تڪرار 5 ڏينهن گذرڻ باوجود  ختم نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب ڄامشورو ضلعي جي  سمورن تعلقن سيوهڻ ، ڪوٽڙي، مانجهند ۽ ٿاڻو بولاخان ۾ ملڪ اسد سڪندر جي حامين ۾ حڪومت خلاف سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي جڏهن ته شروع ٿيل انتقامي ڪارواين خلاف ڪالهه چوٿين ڏينهن به ملڪ اسد سڪندر جي  حامي پ پ ڪارڪنن طرفان ايم پي اي فقير داد کوسو، محمد وارث ماڇي، ارباب علي سمون، غلام نبي راڄڙ، نياز حسين کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئمپ قائم ڪري احتجاج کي جاري رکيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  هڪ بلڊر خاطر سنڌ حڪومت ۽ سندس وزير ملڪ اسد جي حامين خلاف ٿي پيا آهن  هنن چيو ته ڄامشورو جو هڪ جريب به بحريه ٽائون حوالي نه ڪيو ويندو انصاف خاطر احتجاج جاري رکبو. هوڏانهن ملڪ اسد کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن  ۽ ملڪ اسد طرفان فيصلو عوام تي ڇڏيو ويو.

ملڪ اسد سڪندر سان پ پ جي اختلافن کان پوءِ ٺٽي ۾ مضبوط اتحاد جڙڻ جا امڪان

ٺٽو(رپورٽ: شبير ڀٽي) ڄامشورو ضلعي جي سگهاري سياسي شخصيت ملڪ اسد سڪندر جي پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سان اختلافن کان پوءِ پ پ پ کان امڪاني عليحدگي اختيار ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ پ پ پ مخالفين هڪ مضبوط اتحادي جي صورت ۾ سامهون اچي سگهن ٿا . اقتدار جي دوران ن ليگ جي  قيادت جي سنڌ صوبي لاءِ بي فائيد مند پاليسي جي ڪري پ پ پ مخالف اتحاد ن ليگ جي بدران پي ٽي آءِ جو پليٽ فارم استعمال ڪري مضبوط اتحاد جوڙي اليڪشن 2018 ع جي لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي جوڙڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن . پ پ پ جي باغي اڳواڻ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا کان پوءِ ڄامشورو ضلعي جي سگهاري سياسي شخضيت ملڪ اسد سڪندر پاران پ پ پ جي صفن مان ٻاهر نڪرڻ واري امڪاني صورتحال ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ پ پ پ مخالفين جو اتحادين جي صورت ۾ هڪ مضبوط سياسي نقشو نظر اچي پيو . انهن اتحادين ۾ ملڪ اسد سڪندر سميت سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي چيئرپرسن سيد جلال محمود شاھ ٺٽي ضلعي جا شيرازي برادران ٿرمان سنڌ جو اڳوڻو وزيراعلي ارباب غلام رحيم قومي عوامي تحريڪ جو صدر ايازلطيف پليجو بدين ضلعي مان ڊاڪٽر ذولفقار مرزا هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ نظر اچن پيا . قومي عوامي تحريڪ جي صدر ايازلطيف پليجو اڳواٽ ئي پ پ پ مخالف اتحاد جي تصديق ڪري چڪو آهي . امڪان آهي ته سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾  پ پ پ خلاف مضبوط اتحاد جوڙڻ لاءِ ن ليگ ۾ شامل اڳواڻ  ن ليگ کي الوداع ڪري “ اتحاد “ ۾ متحد رهڻ کي ترجيج ڏين . ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته ن ليگ جي قيادت اقتدار جي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي  جنهن ڪري سنڌ جو ماڻهو ن ليگ جي پاليسن کي رد ڪري ٿو ان صورتحال ۾ پ پ پ ۽ ن ليگ جي مخالفت ۾ سنڌ ۾ ٽئي اڀرندڙ سياسي طاقت پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم سميت پ پ پ مخالفن جو اتحاد ماضي جيان ڪنهن اتحاد جي پليٽ فارم تان پ پ پ جي مقابلي ۾ اليڪشن ڪري سگهي ٿو . قومي عوامي تحريڪ جي صدر ايازلطيف پليجو پاران اڳواٽ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ايازلطيف پليجو پريس ڪانفرنس ڪري پ پ پ مخالفن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي تصديق ڪري چڪو آهي جنهن لا۽ هيئر کان ئي رابطا شروع ڪيا ويا آهن .

ٿاڻي بولاخان جي 4 ديهن کي ملير ۾ شامل ڪرڻ جاٺٽي جي سياست تي اثر

ٺٽو( ڊ ر)پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت ۽ ڄامشورو جي سگهاري شخصيت ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي وچ ۾ تعلقي ٿاڻي بولاخان جي 4 ديهن کي مليرضلعي ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي تي پيدا ٿيل اختلافن جو اثر ٺٽي ضلعي جي سياست تي پئجي سگهي ٿو . ٺٽي ضلعي خاص ڪري تعلقي ٺٽي ۾ ملڪ اسد سڪندر وڏو اثررسورخ رکي ٿو مستقبل ۾ ان جو فائدو پ پ پ مخالفين شيرازي برادران وٺي سگهن ٿا . تعلقي ٺٽي جو وڏيون برادريون ۽ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ اهم برادريون خاصخيلي برادري، شورا برادري، جاکرا برادري، ڀنڀرا برادري، گندرا برادري، ملاح برادري، ٺينگا برادري، پ پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي اثر هيٺ رهيون آهن . پ پ پ ٺٽي جي مقامي قيادت سان ويجهڙائپ رکندڙ اهم شخصيتن جي پڻ ملڪ اسد سڪندر سان ويجهڙائپ رهي آهي . 2015 ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ تعلقي ٺٽي مان پ پ پ اميدوار اڪثريت سان چيئرمن وائس چيئرمن ۽ ڪائونسلرجون سيٽون کٽيون هنيون . ملڪ اسد سڪندر جا حامي وڏي اڪثريت سان چونڊجي آيا هئا پ پ پ جا اندروني حلقا چون ٿا ته ملڪ اسد سڪندر جو تعلقي ٺٽي ۾ وڏو ووٽ بينڪ موجود آهي ماضي ۾ پ پ پ مخالف صفن ۾ رهندڙ برادرين کي پ پ پ جي حمايت لاءِ زور ڀريو هو جنهن ڪري ڪيتريون ئي پ پ پ مخالف برادريون پ پ پ ۾ شامل ٿي ويون هيون ۽ انهن برادرين  پ پ پ اميدوارن جي جيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو . ملڪ اسد سڪندر ۽ پ پ پ قيادت توڙي حڪومت سنڌ جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن جا نتيجا مستقبل ۾ تعلقي ٺٽي جي سياست تي  واضع طورپئجي سگهن ٿا . جنهن جو سنئون سڌو فائدو پ پ پ مخالف شيرازي برادران وٺي سگهن ٿا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ به پوليس نشانو، دهشتگردن جي ٽريفڪ اهلڪارن تي فائرنگ، هڪ شهيد، ٻيو زخمي

ڪراچي (رپورٽر ڪراچي جي ابوالحسن اصفحاني روڊ تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي