24 آچر , سيپٽمبر 2017

سارا علي خان هڪ بالي ووڊ جي ڪامياب هيروئن ثابت ٿي سگهي ٿي: ڪرينا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته هوءَ ڄناي ٿي ته سارا علي خان هڪ ڏينهن بالي ووڊ جي ڪاميابي هيروئن ٿيندي. اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي تازي ڳولهه ٻولهه ۾ چيو ته فنڪاراڻي صلاحيتن سان چڱي ريت واقف آهن، هن ۾ اداڪار سيف علي خان ۽ ان جي اڳوني گهر واري امريتا سنگهه سبب اداڪاري ان کي ورثي ۾ ملي آهي، هوءَ ڄاڻي ٿي ته سارا علي خان پنهنجي خوبصورتي ۽ بهترين ٽيلنٽ سبب هڪ ڏينهن بالي ووڊ جي پهرين صف جي هيروئن بڻجندي، سارا پنهنجي پهرين فلم ڪيدراناٿ جي عڪسبندي هلندڙ سان جي آخر تائين ڪندي، فلم ۾ ان جو هيرو سوشانت سنگهه راجپوت هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جوني ڊيپ جي فلم ”مرڊر آن دي اورينٽ ايڪسپريس“ جو ٽريلر جاري

لنڊن (شوبز نيوز ) مشهور اداڪار جوني ڊيپ جي فلم ”مرڊر آن دي اورينٽ ايڪسپريس“ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي