24 بدھ , جنوری 2018

آئيفا ايوارڊز جو ميلو شاهد ڪپور ۽ عاليا ڀٽ لٽي ورتو

نيويارڪ(شوبز نيوز) آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ سجندڙ 18 هين آئيفا ايوارڊ جو ميلو بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار شاهد ڪپور ۽ عاليا ڀٽ لٽي ورتو، فلم ”اڙتا پنجاب“ لاءِ شاهد ڪپور کي بهترين اداڪار ۽ عاليه ڀٽ کي بهترين اداڪارا جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور ترين آئيفا ايوارڊز جو ميلو سجايو ويو جنهن ۾ بالي ووڊ جي تمام وڏن ستارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، تقريب دوران اداڪارن جي بهترين پرفارمنس ۽ لباس شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو. آئيفا جي رنگا رنگ تقريب ۾ بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا عاليا ڀٽ، ڪترينا ڪيف، دپيڪا پڊوڪون، شبانه اعضميٰ، شاهد ڪپور. سيف علي خان، ڪرن جوهر، انوپم کير ۽ مشهور موسيقار اي آر رحمان سميت ٻين فنڪارن شرڪت ڪئي، ان دوران جتي اداڪارن بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو اتي بالي ووڊ ۾ بهترين ڪم ڪرڻ تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو به جاري هيو. شاهد ڪپور ۽ عاليه ڀٽ کي فلم ”اڙتا پنجاب“ لاءِ بهترين اداڪار ۽ اداڪارا جي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان پيمرا کي ساحر لوڌي خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)  هاءِ ڪورٽ ساحر لوڌي جي مارننگ شو ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے