23 جمعرات , نومبر 2017

اسان جي قوالين ۽ ڳائڻن پنهنجي صلاحيتن سان پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي: راحت فتح علي خان

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻي راحت فتح علي خان چيو آهي ته اسان جي قوالين ۽ ڳائڻن پنهنجي صلاحيتن سان پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي. نصرف فتح علي خان شعبي موسيقي سان لاڳاپيل اها واحد شخصيت آهي جنهن کي ڪيترن ئي ملڪن اعزازي شهرت ڏني هئي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڳائڻي ۽ قوال راحت فتح علي خان چيو آهي ته عالمي شهرت يافتا ڳائڻو نصرت فتح علي خان مرحوم قوالي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائي ڇڏي، هن چيو ته مان خانداني روايت کي اڳتي وڌائيندي قوالي جي شعبي ۾ آيو آهيان، گهڻا ماڻهو مونکي موسيقي جي استاد جو درجو ڏيندا آهن پر مان پاڻ کي موسيقي جهڙي دنيا جي مشڪل ترين فن جو معمولي شاگردن سمجهندو آهيان ۽ منهنجا بزرگ ڪيترين ئي صدين کان فن قوالي سان لاڳاپيل هئڻ سبب بزرگن دين جي درگاهن تي حاضريون ڏئي رهيا آهن ان لاءِ مان به پنهنجي خانداني روايت کي اڳتي وڌائيندي قوالي جي شعبي ۾ آيو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان مان ڪيريئر شروع ڪرڻ چاهيان ٿي: عاتڪا فيروز

لاهور (شوبز نيوز) آمريڪا ۾ “مِس پاڪستان ورلڊ ” جو ٽائٽل کٽيندڙ عارڪا فيروز چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے