23 جمعرات , نومبر 2017

بالي ووڊ بار بي ڊول ڪترينا ڪيف 34 هين سالگرهه ملهائي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بار بي ڊول ڪترينا ڪيف آچر ڏينهن پنهنجي 34 هين سالگرهه ملهائي. ڪترينا ڪيف 16 جولاءِ 1983ع تي هانگ ڪانگ ۾ پيدا ٿي، ڪترينا انگريز ماءِ ۽ ڀارتي والد جي اولاد آهي. ڪترينا 2003ع ۾ ڀارتي فلم بوم کان فلمي دنيا ۾ قدم رکيو پر ڪاميابي جو سفر 2005ع ۾ فلم سرڪار کان شروع ٿيو جنهن ۾ ان جي مقابلي ۾ اڀيشڪ بچن هو. 2005ع ۾ ئي سلمان خان سان گڏ ان جي ڪاميابي ترين ڪاميڊي فلم ”ميني پيار ڪيون ڪيا“ رليز ٿي ان فلم لاءِ ڪترينا کي اسٽار ڊسٽ ايوارڊ ڏنو ويو. 2008ع کان وٺي 2010ع تائين ڪترينا کي فيشن ميگزين ۽ ايسٽرن آءِ طرفان دنيا جي پرڪشش ترين ايشيائي عورت قرار ڏنو ويو. 2010ع ۾ ڪترينا کي پهريون فلم فيئر بيسٽ ايڪٽريس ايوارڊ ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان مان ڪيريئر شروع ڪرڻ چاهيان ٿي: عاتڪا فيروز

لاهور (شوبز نيوز) آمريڪا ۾ “مِس پاڪستان ورلڊ ” جو ٽائٽل کٽيندڙ عارڪا فيروز چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے