25 سومر , سيپٽمبر 2017

حڪومتي عهدو مليو ته فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪنديس: صنم ماروي

ڪراچي(شوبز نيوز) ڳائڻي صنم ماروي چيو آهي ته جيڪڏهن ان کي ڪڏهن ڪنهن حڪومتي عدهي تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته سڀ کان پهريان پنهنجي فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪم ڪنديس. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ان چيو ته مان دنيا جي هر خطي ۾ ڳائڻ جو مظاهرو ڪيو آهي، مونکي هر جڳهه تي گهڻي محبت ۽ پزيرائي ملي، هن چيو ته مونکي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي اها منهنجي ۽ منهنجي ملڪ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، تاريخي جڳهن ۽ ورثن سان گهري دلچسپي آهي، هن چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته تاريخي ورثي سان گڏ حامل مراڪش ۾ به وڃي پرفرام ڪري. هن چيو ته مان 8 سالن جي هيس ته ڳائڻي جي شروعات ڪيو هئي، سندس چوڻ هو ته هوءَ ڪلاسيڪل موسيقي جي تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميرا رجحان فوڪ ميوزڪ طرف هو. صوفياڻا ڪلام ڳائي جيڪو سڪون ملندو آهي اهو لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان. استاد نصرف فتح علي خان ۽ عابده پروين منهنجا پسنديدا فنڪار آهن. صنم ماروي چيو ته منهنجي زندگي جي خواهش آهي ته ڪنهن پروگرام ۾ جڏهن پرفارمنس ڪيان ته منهنجي والده منهنجي اڳيان موجود هجي، ان چيو ته ڳائڻ سبب مان پنهنجي ٻارن کي وقت نه ڏئي سگهندي آهيان پر پنهنجي ٻارن سان گهڻو پيار آهي، سندس چوڻ هو ته هنن جي فيملي هڪ مڪمل فيملي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ويرات سان گڏ ڪنهن به قسم جي ڀائيواري نه پئي ڪريان: انوشڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما پنهنجي ويجهي دوست ويرات ڪوهلي سان گڏ ريسٽورنٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي