21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

عوامي آواز:سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ اڄ پارليامينٽ جي عزت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ادارن کي گاريون ڏيڻ وارو ماڻهو ادارن جي عزت تي ڳالهائي رهيو آهي،

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ اڄ پارليامينٽ جي عزت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ادارن کي گاريون ڏيڻ وارو ماڻهو ادارن جي عزت   تي ڳالهائي رهيو آهي،

هن چيو ته زڪوات جي پئسن سان مني لانڊرنگ ڪرڻ وارو اڄ ٻين تي آڱر کڻي رهيو آهي،

سپريم ڪورٽ تي ميرا ڪپڙا ٽنگڻ وارو سپريم ڪورٽ جي حفاظت جي ڳالهه ڪري  پيو.

مريم  اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران صاحب، جنهن ڏينهن نواز شريف پنهنجي ڪارڪنن کي ڪال ڏني، اوهان کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي، عمران خان اوهان جيڪو پنهنجي ڪارڪنن سان ڪري رهيا آهيو، اهو سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي،

هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف ته ڪرپٽ ٽولي جي جماعت بڻجي چڪي آهي، عمران خان صاحب سپريم ڪورٽ جو فيصلي جو انتظار ڪريو، هميشه وانگر وزيراعظم سرخرو ٿيندو ۽ اوهان کي شرمندگي ٿيندي،

هن وڌيڪ چيو ته  3 عدالتن کان مفرور ٻين جي احتساب جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان ڪري رهيو آهي، سڄي قوم ڏسي رهي آهي، اوهان چور، ڪوڙا ۽ ذهني مريض آهيو، عمران خان صاحب اوهان جا ورڪر اصليت ڄاڻي ٻين پارٽين ۾ وڃي رهيا آهن………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi political parties to convince the public can vary: Riaz Lund

نيوز: ڪراچي : سياسي پارٽيون عوام کي پاڻ ڏانهن قائل نٿيون ڪري سگهن: رياض لنڊ

*قانوندان ڪامريڊ رياض لنڊ چيو آهي ته سياسي پارٽين جو  سياسي ۽ اقتصادي منشور ايترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے