21 منگل , نومبر 2017

چين ۾ ٻه ماڙ عمارت ۾ باهه لڳي وئي، 22 ڄڻا فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ): چين جي واڀر صوبي جيانگ سو ۾ واقع هڪ ٻه ماڙ عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد پوليس باهه لڳائڻ ۾ مبينا طور ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پرڏيهي خابرو ايجنسي چين جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته چين جي صوبي جيانگ سو جي شهر شنگهائي جي علائقي يوشهان ۾ صبح سوير اوچتو هڪ ٻه ماڙ عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي جي جاچ بعد جيانگ نالي جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس طرفان جوابدار بابت وڌيڪ معلومات فراهم ناهي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ابو ظهبي ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ شاديون 3 سالن کان وڌيڪ نٿيون هلي سگهن: رپورٽ

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي حڪومتي انگن اکرن موجب ابو ظهبي ۾ 50 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے