25 سومر , سيپٽمبر 2017

هندو ياترين جي بس کاهي ۾ ڪري پئي، 16 ڄڻا فوت

سرينگر (ويب ڊيسڪ): والاريل ڪشمير ۾ هندو ياترين يج بس کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 26 سخت زخمي ٿي پيا، ڀارتي ميڊيا موجب والاريل ڪشمير ۾ امرناٿ مندر کان ياترين جي بس سرينگر وڃي رهي هئي ته ضلعي رام بن جي علائقي بني هال جي فوجي اڏي ويجهو بس جو پٺيون ٽائر ڦاٽي پيو ۽ بس بي قابو ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 26 سخت زخمي ٿي پيا، پوليس عملدارن مطابق فوت ٿي ويندڙن ۾ 14 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر جي مدد سان ڄمون جي گورنمينٽ ميڊيڪل ڪاليج سپر اسپيشلٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، بس ۾ مجموعي طور 46 ماڻهو سوار هئا، جن مان اڪثر ماڻهن جو تعلق راجستان ۽ بهار سان هيو، حادثي بعد فوج، پوليس ۽ پيراملٽري فورسز جي اهلڪارن ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊونلڊ ٽرمپ ذهني طور فٽ ناهي، ڪو ٻيو نه آمريڪا آپگهاتي مشن تي آهي: اتر ڪوريا

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ذهني طور ان فٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي