24 آچر , جون 2018

ڪي ايف سي اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) کاڌي پيتي جي شين سان مشهور فوڊ چين ”ڪي ايف سي“ به پنهنجي اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. توهان کي حيرت ٿيندي ته ڪي ايف سي اهو ڇو ڪيو آهي پر ان جو مقصد چين ۾ ان فاسٽ فوڊ ڪمپني کي 30 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ملهائڻ آهي. ڪي ايف سي ۽ اسمارٽ فون ڪمپني هواوي هڪ نئين فون جاري ڪئي آهي. گهٽ انگ ۾ موجود اها ڪي ايف سي هواوي سيون پلس فون ڳاڙهي رنگ جي آهي، جنهن جي پويان ڪرنل سينڊرز ۽ هواوي، ٻنهي جا لوگوز ڇپيل آهن. سٺي ڳالهه اها آهي ته ان فون جي قيمت رڳو 161 ڊالر، 1099 يوان، 17 هزار پاڪستاني رپيا آهي. فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر، 5.5 انچ اسڪرين، ايل اي ڊي فليش سان گڏوگڏ 12 ايم پي ڪئميرا، 3 جي بي ريم، 32 جي بي اسٽوريج ۽ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سلاٽ موجود آهي، جڏهن ته اسنيپ ڊراگون 425 پراسيسر ۽ 3020 ايم اي ايڇ بيٽري به ڏني وئي آهي. ان ۾ 128 جي بي تائين ميموري ڪارڊ استعمال ڪري سگهجي ٿو. موبائل ۾ ڪي ايف سي ميوزڪ ايپ به اسٽال آهي، جنهن ذريعي هلائيندڙ ڪي ايف سي ريسٽورنٽ جي پلي لسٽ ٺاهي ۽ شيئر ڪري سگهن ٿا. ان فون جا رڳو 5 هزار سيٽ ئي وڪري لاءِ دستاب هوندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Independent Calcutta Digital Body prepared by Medical College to launch the lotion

ميڊيڪل ڪاليج کي لاشن جي ضرورت کان آزاد ڪرائيندڙ ڊجيٽل لاش تيار

پيرس(ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تجربن ۽ سرجري سکڻ لاءِ لاشن جي عطن جي هميشه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے