20 اربع , سيپٽمبر 2017

بلاول ڀٽو زرداري جي پارٽي ڪارڪنن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ پارٽي ڪارڪنن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضمني چونڊن جي نتيجن ۾ تبديلي ۽ ڌانڌلي خلاف پرامن احتجاج تي لاٺي چارج ڪئي وئي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود نتيجا نه پيا ٻڌايا وڃن. هن الزام هڻندي چيو ته پ پ اميدوار کي پولنگ اسٽيشنن مان ٻاهر ڪڍي نتيجا آندا ويا. هڪ پاسي سادي درخواست تي پ پ اميدوار جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو ته ٻئي پاسي وري پارٽي خلاف ڌانڌلي تي پوليس گردي ڪرائي وئي. بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته سڀني گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڌانڌلي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جي دور ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترڪ ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ديسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته اسان جي دور …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي