20 اربع , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز:لعلورائنڪ شهر جو گندو پاڻي جمع ڪندڙ کڏ تي بااثرن طرفان غير قانوني قبضا ڪري گهر اڏڻ ، پبلڪ هيلٿ پاران ڊرينج سسٽم نه هلائڻ ۽ صفائي عملي پاران نالن جي صفائي نه ڪرڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۾ پلٽي ويو آهي

لعلورائنڪ شهر جو گندو پاڻي جمع ڪندڙ کڏ تي بااثرن طرفان غير قانوني قبضا ڪري گهر اڏڻ ، پبلڪ هيلٿ پاران ڊرينج سسٽم نه هلائڻ ۽ صفائي عملي پاران نالن جي صفائي نه ڪرڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۾ پلٽي ويو آهي
گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ داخل ٿيڻ سبب شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
بااثرن پاران گندي پاڻي جي گڏ ٿيڻ واري کڏ تي مٽي جي ڀرائي ڪرائي اڌ کان وڌيڪ حصي تي قبضو ڪري گهر ۽ اوطاقون اڏرائي ڇڏيون آهن. جنهن سبب کڏ جو گندو پاڻي شهر جي قاضي محله ، ڪهيري محله ، لوهر محله ۽ ڪنب محلا جي گهٽين ۾ بيهجي ويو آهي
علائقي واسين محمد پريل لوهر، عبدالستار تنيو، تنوير قاضي ۽ عبدالوحيد عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. جنهن سبب متاثر خاندان گهر کان بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.
هنن جو چوڻ هو ته ڪَو پاڻي جمع ڪندڙ کڏ ڀرجڻ وڃڻ جي باوجود به پبلڪ هيلٿ پاران ڊرينج سسٽم ھلائي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ سبب ڀرپاسي ويٺل ماڻهن جي گهرن ۾ گندو پاڻي ڪاهي پيو آهي، جڏهن ته پاڻي کڏ ۾ پلٽڻ سبب ويجهي وارين زمين ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب فصل ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي
شهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي وئي، پر تنهن هوندي ڪو به عمل نٿو ڪيو وڃي
هنن ضلعي انتظاميا سميت اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي گندي جمع ٿيڻ واري گڏ تان قبضو ختم ڪرائي نيڪال واري نظام کي درست بڻايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڏهون 2017-09-19

ميرپورخاص جي ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ريجن ۾ هڪ سئو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي