24 آچر , سيپٽمبر 2017

وسيم اڪرم انڊونيشيا ۾ موڪلون ملهائڻ ۾ مصروف

بالي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سان گڏ انڊونيشيا ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهن، جنهن اتي ڪڍيل هڪ تصوير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر وسيم اڪرم اڄڪلهه پنهنجي زال شنيرا ۽ ڌيئرن سان گڏ انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ موجود آهي، جتي هن سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ دوران ڪڍيل هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي آهي. اهو سوئمنگ پول سمنڊ ڪناري فائيو اسٽار هوٽل ۾ آهي. تصوير ۾ وسيم اڪرم سان گڏوگڏ سمنڊ ۽ آسمان جو نظارو به ڏاڍو وڻندڙ آهي. وسيم اڪرم پنهنجي تصوير سان گڏ شعيب اختر کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته ”اڄ توهان کي منهن جو نظارو ڪيئن لڳي رهيو آهي؟“.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريدي جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي، نيئن ٽيم ۾ محمد عامر سان گڏ کيڏندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا ڊائنامائيٽس جو حصو بڻجندو. فاسٽ بالر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي