24 سومر , جولاءِ 2017

عماد وسيم شوڪت خانم اسپتال پهتو، بيمار ٻارن سان ملاقات

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر عماد وسيم شوڪت خانم اسپتال پهچي بيمار ٻارن سان ملاقات ڪئي. عماد وسيم شوڪت خانم ڪينسر اسپتال پهتو، جتي هن نه رڳو بيمار ٻارن سان وقت گذاريو پر انهن سان گڏ تصويرون پڻ ڪڍرايون. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر بيمار ٻارن سان گڏ ڪڍيل تصويرون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پڻ جاري ڪيون آهن، جن کي ڏسندڙ ڏاڍو پسند ڪري رهيا آهن ۽ عماد وسيم جي ان قدم جي واکاڻ پڻ ڪري رهيا آهن. عماد وسيم ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته ”مهرباني ڪري هنن سان سهڪار ڪيو“. قومي ڪرڪيٽر اسپتال ۾ علاج هيٺ ٻارن سان گڏ کاڌو کائي انهن ۾ پڻ تحفا ورهايا ۽ انهن جون ٺاهيل پينٽنگز ڏٺيون. هن ڪرڪيٽ جي حوالي سان مختلف واقعا ٻڌائي ٻارن جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هانگ ڪانگ ايشيا فٽ بال: ليور پول ليسٽر سٽي کي شڪست ڏئي ٽرافي تي قبضو ڄمائي ورتو

هانگ ڪانگ(اسپورٽس نيوز) هانگ ڪانگ ۾ سجايو ويو ايشيا فٽ بال ٽرافي جو ميلو، جنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي