25 سومر , سيپٽمبر 2017

ڪولمبو ۾ سريلنڪا 346 تي آئوٽ، زمبابوي 6 وڪيٽن تي 262 رنسن جي سرسي ماڻي ورتي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي خلاف واحد ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ 346 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهي ميزبانن تي 262 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ڪولمبو ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن سريلنڪن ٽيم پنهنجي رهيل اننگ جي شروعات 7 وڪيٽن جي نقصان تي 293 رنسن کان ڪئي ۽ 346 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. هيراٿ 22، لڪمل 14 ۽ گنارتني 45 رنسون ٺاهيون. زمبابوي طرفان گريم ڪريمر بهترين بالنگ ڪرائيندي 5، جڏهن ته سين وليمز 2 ۽ ڊونلڊ تريپانو هڪ وڪيٽ ورتي. مهمان ٽيم پهرين اننگ ۾ سريلنڪا خلاف 10 رنسن جي سرسي ماڻي ورتي، جنهن کانپوءِ زمبابوي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهي سريلنڪا تي 262 رنسن جي ليڊ حاصل ڪري ورتي آهي. زمبابوي طرفان سڪندر رضا 97 ۽ ميلڪم والر 57 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن. سريلنڪا طرفان رنگنا هيراٿ 4، جڏهن ته دلروان پريرا ۽ لهيرو ڪمارا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال پئي ٿئي: انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته مالڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي