21 منگل , نومبر 2017

قطر عرب ملڪن جي اَک ۾ ڪنڊو، فيفا کان ورلڊ ڪپ جي ميزباني موٽائڻ جو مطالبو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) دهشتگردن جي مدد جو الزام مڙهي قطر سان لاڳاپا ختم ڪندڙ 6 عرب ملڪن فٽبال جي  عالمي گورننگ باڊي فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي قطر کان ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني واپس وٺن. سعودي عرب، يمن، موريطانيا، گڏيل عرب امارتن، بحرين ۽ مصر گڏيل طور فيفا کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ ان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته قطر دهشتگردن جي مدد ۾ ملوث آهي، تنهن ڪري ان کان فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني واپس ورتي وڃي. عرب ملڪن فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي فيفا ڪوڊ جي آرٽيڪل 85 تحت قطر کان ميزباني کسين، هنگامي صورتحال ۾ انهن کي ائين ڪرڻ جو حق حاصل آهي. نار ملڪن طرفان فيفا کي موڪليل ان خط جي ڪاپي منظر تي ناهي اچي سگهي، جڏهن ته فيفا جو چوڻ آهي ته صدر گياني انفينٽينو کي في الحال ڪو خط ناهي مليو. فيفا ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان قطر 2022ع جي مقامي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سپريم ڪورٽ سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيون، جنهن جو مقصد ايونٽ کي بهترين بڻائڻ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بي پي ايل: حسن علي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، ڪوميلا وڪوٽورينز ڪامياب

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي بنگلاديش پريميئر ليگ جي  ميچ ۾ بهترين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے