24 سومر , جولاءِ 2017

رانا ٽنگا جي بيان تي ڀارتي ڪرڪيٽرن جو رد عمل

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) سرلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ورلڊ ڪپ جي فاتح ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا طرفان ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ 2011ع جي ورلڊ ڪپ جي فائنل کي فڪس قرار ڏيڻ تي ڀارتي ڪرڪيٽر تپي باهه ٿي ويا ۽ حيرت جو اظهار ڪيو. تفصيل مطابق ڀارتي ڪرڪيٽرن اشيش نهرا ۽ گوتم گمڀير ورلڊ ڪپ 2011ع جي فائنل بابت رانا ٽنگا جي تحقيق جي مطالبي کي حيران ڪندڙ ۽ حقيقت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. ڀارتي فاسٽ بالر اشيس نهرا جو بيان بابت چوڻ آهي ته اهڙي طرح جي ڳالهين تي ڪن نه ڏيڻ گهرجي، ٻئي طرف ڀارتي بيٽسمين گوتم گمڀير چيو آهي ته ارجنا رانا ٽنگا کي الزامن جا ثبوت ڏيڻ گهرجن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا بيان ڏنو هو ته ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ورلڊ ڪپ 2011ع جو فائنل فڪس هو جنهن ۾ سريلنڪا کي ڀارت نه هارايو بلڪ سريلنڪا پاڻ ڄاڻي واڻي هارايو. ورلڊ ڪپ 2011ع جي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هانگ ڪانگ ايشيا فٽ بال: ليور پول ليسٽر سٽي کي شڪست ڏئي ٽرافي تي قبضو ڄمائي ورتو

هانگ ڪانگ(اسپورٽس نيوز) هانگ ڪانگ ۾ سجايو ويو ايشيا فٽ بال ٽرافي جو ميلو، جنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي