24 سومر , جولاءِ 2017

کليل هوا ۾ وقت گذاريندڙ ٻار نظر جي ڪمزوري کان محفوظ رهن ٿا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪمپيوٽر ۽ اسمارٽ فون جو حد کان وڌيڪ استعمال ٻارن جي اکين تي ناڪاري اثر ڇڏيندو آهي، جنهن جو سڀ کان پهريون نقصان ويجهي يا پري جي نظر ۾ ڪمزوري هوندو آهي پر تازو هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي ٻار کليل هوا ۽ مختلف سرگرمين ۾ پنهنجو وقف گذاريندا آهن، انهن جي نظر جي ڪمزوريءَ جا امڪان گهٽ هوندا آهن. برٽش جنرل آف اوپٿيمولوجي ۾ هليل ان تحقيق ۾ 5 هزار کان وڌڪي ٻارن جو معائنو ڪيو ويو. تحقيق دوران ماهرن ٻارن ۽ سندن والدين جي زندگي جي طريقي، معمول ۽ ٻين عملن جو جائزو ورتو. ماهرن ڏٺو ته اهي ٻار، جيڪي کليل هوا ۾ گهٽ وقت گذاريندا هئا، انهن ۾ وٽامن ڊي جي گهٽتائي محسوس ٿي، انهن ٻارن ۾ نظر جي ڪمزوري يا ان جو امڪان وڌيڪ هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته کليل هوا ۾ کيڏڻ ٻارن جي جسماني ۽ دماغي صحت لاءِ فائديمند آهي، اهو عمل انهن تي ڪيترائي هاڪاري اثر ڇڏي ڏنو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دل کولي ماڻهن جي مدد ڪيو ۽ خيرات ڏيو صحت سٺي ۽ دماغ سڪون ۾ هوندو: ماهر

جرمني(ويب ڊيسڪ) اسلام ۾ فلاحي ڪم ۽ خيرات ڪندڙن کي وڏو مقام  حاصل آهي پر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي