23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

ٽريفڪ جام مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ”گوگل“ ميدان تي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته ٽريفڪ جام جو مسئلو رڳو پاڪستان ۾ ئي آهي ته توهان غلط آهيو، اهو هڪ عالمي مسئلو آهي پر ڪراچي ۽ لاهور جهڙن شهرن ۾ اهو مسئلو ڪجهه سنگين ئي آهي پر هاڻ ان مسئلي کي ڪنهن حد تائين حل ڪرڻ لاءِ ”گوگل“ ميدان تي اچي ويو آهي، جنهن هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو آهي، جيڪو ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. گوگل پنهنجي ميپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو آهي، جيڪو واهپيدارن کي روٽ تي موجود ٽريفڪ جي صورتحال بابت آگاهه ڪندي ٻڌائيندو ته ان رستي تي سفر ڪرڻ سان ڪيترو وقت ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ جا امڪان آهن. گوگل اينڊرائيڊ موبائل تي ميپ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي پاپ اپ ونڊوز ذريعي ان روٽ جي ٽريفڪ صورتحال بابت گرافڪ ذريعي آگاهه ڪندو. پاپ اپ ونڊو ۾ کُلندڙ گرافڪ ميپ ۾ واهپيدار کي ان روٽ بابت ڳاڙهي، ڦِڪي ۽ بليو رنگ ذريعي ٽريفڪ رواني ۽ صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويندو پر اهو فيچر رڳو ان ئي وقت ڪم ڪري سگهندو، جنهن وقت واهپيدار ڪنهن به روٽ تي سفر ڪندي گوگل ميپ کي ايڪٽِو ڪندو ۽ گوگل ميپ واهپيدار کي ان روٽ بابت گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽ اڳ جي صورتحال بابت آگاهه ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران بيلسٽڪ ميزائل نمائش لاءِ پيش ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي گاديءَ واري هنڌ تهران ۾ اڄ ٿيل قومي پريڊ ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي