22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آمريڪي ايوان ۾ پاڪستاني دفاعي امداد تي سخت شرطن وارو بل منظور

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان جي نمائندن ڀارت سان دفاعي سهڪار ۾ واڌ ۽ پاڪستان جي امداد تي سخت شرطون لاڳو ڪرڻ وارو بل منظور ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب آمريڪي ايوان جي نمائندن 621.5 ارب ڊالر جي دفاعي پاليسي بل منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ پاڪستان کي ڏني ويندڙ امداد تي سخت شرطون لاڳو ڪيون ويون جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا کي ڀارت سان دفاعي سهڪار ۾ واڌ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايوان ۾ قومي دفاعي پاليسي 2018ع پيش ڪيو ويو جنهن جي حق ۾ 344 ۽ مخالفت ۾ 81 ووٽ وڌا ويا ۽ اهو بل پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو. ان بل ۾ پاڪستان کي ڏني ويندي دفاعي امداد تي سخت شرطون لاڳو ڪيون ويون. نئين شرط تحت پاڪستان کي امداد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي موجود نيٽو سپلائي رستن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻو پوندو، دهشتگردي جي خاتمي وارن آپريشنن ۾ مدد جي لاءِ واضع قدم کڻڻا پوندا، سرحد پار ٿيندڙ حملن کي روڪڻو پوندو ۽ بارودي سرنگهن جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب ڪارروائي ڪرڻي پوندي. بل تحت پهرين آڪٽوبر 2017 کان 31 ڊسمبر 2018 تائين پاڪستان جي لاءِ مختص ڪيل 40 ڪروڙ ڊالر امداد ان وقت تائين نه ڏني ويندي جيسيتائين آمريڪي بچاءُ وارو وزير ان جي تصديق نه ڪري ته پاڪستان ڏکڻ وزيرستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي خلاف مسلسل فوجي آپريشن ڪري رهيو آهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ کي محفوظ پناهه گاهون قائم ڪرڻ کان روڪي رهيو آهي ۽ پاڪ افغان سرحد تي عسڪريت پسندن جي چرپر کي روڪڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے