23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

ڪجهه منٽن ۾ روبوٽ تيار ڪرڻ واري مشين

ڪوپن هيگن(ويب ڊيسڪ)ڊنمارڪ جي ماهرن هڪ اهڙي روبوٽ ساز مشين تيار ڪئي آهي سادي تار کان وٺي  موٽر تائين تيار ڪري 13 منٽ ۾ هڪ سادو روبوٽ تيار ڪري سگهي ٿو.هن کي ون ڊي پرنٽنگ جو نالو ڏنو آهي جيڪو روبوٽ کي ضروت تحت ٻيهر مشين ۾ وجهي سائيڪل ڪري هن ٻئي ڪارآمد روبوٽ جي شڪل ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿو .جڏهن ته هي مشين ڏکين رستن کان نڪري سگهي ٿي ۽ سڙيل عمارتن ۾ داخل  ٿي ان جو اطلاع ڏئي سگهي ٿو.اهڙي طرح هن سان وڌيڪ روبوٽ تيار ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ ۽ انهن کي ري سائيڪل ڪري ٻئي روبوٽ جي شڪل ڏيڻ  وڌيڪ آسان آهي.جڏهن ته هي مشين خلائي منصوبن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿي سگهي ٿي  هي مشين ضرورت پوڻ تي هر قسم جو سادو ۽ پيچيده روبوٽ تيار ڪري ڏئي سگهي ٿو.ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ هن روبوٽن ۾ ڪيمرا ۽ مائيڪرو فون لڳائي انهن کي احساس کان ڀرپور ڪيو ويندو.جڏهن ته هن مشين کي عام ماڻهو به استعمال ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ نوٽيفڪيشنز مان جان ڇڏائڻ لاءِ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

سليڪان ويلي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان به فيس بڪ وال تي ايندڙ نوٽيفڪيشنز کان پريشان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي