24 آچر , سيپٽمبر 2017

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوئٽا پهچي ويو آهي. جتي آرمي چيف کي سڪيورٽي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي.  آءِ ايس پي آر طرفان  جار ڪيل بيان موجب آرمي چيف کي صوبي جي  موجوده صورتحال ۽ ڪوئٽا ۾ دهشتگردي جي ٿيل تازن واقعن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.  آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ان موقعي تي آرمي چيف سي پيڪ ۽ گوادر سان لاڳاپيل معاملن جي سڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.جڏهن ته بندش پيل تنظيمن جي ڪارڪنن کي قومي وهڪري ۾ آڻڻ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون پڻ هدايتون  ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميان صاحب واپس اچي رهيو آهي، گهڻن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندو: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي زبان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي