24 آچر , جون 2018

سرسبز هنڌن تي ورزش دماغي صحت لاءِ فائدي مند: ماهر

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي ماهرن چيو آهي ته سرسبز هنڌن تي ورزش ڪرڻ سان جسم۽ دماغ تي ٻين هنڌن جي مقابلي ۾ بهتر اثر پوندا آهن.جڏهن ته توهان ورزش يا جسماني پورهي کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ ڪنهن به اهڙي جڳهه جي چونڊ ڪيو جتي هريالي،گاهه، پودنو جو گهڻو مقدار موجود هجي. يا وري سربز علائقو هجي.ماهرن جو چوڻ آهي جيڪڏهن توهان 5 منٽ ورزش ڪندو ته توهان جو موڊ خوشگوار  ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ نفسياتي  طور تي توهان پاڻ تي اعتماد محسوس ڪرڻ لڳندو ۽ اهو عمل دماغي ڪيفيت لاءِ وڌيڪ فائدي مند آهي .۽ هريالي واري هنڌ تي سائيڪل هلائڻ،تيز قدمن سان گهمڻ ڦرڻ توهان جي  جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ نهايت فائدي مند رهندو آهي. ڇو ته سرسبز هنڌن  تي لڳل وڻن، پودنن ۽ گاهه مان ڏينهن جي وقت تازي آڪسيجن خارج ٿيندي آهي جيڪا ساهه جي ذريعي اسان جي رت ۾ جذب ٿيندي آهي جنهن سان رت جسماني عضون ۽ دماغ جي آڪيسجن جي فراهمي بهتر ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے