25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سوناڪشي سنها ارجن ڪپور سبب فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) گذريل ڏينهن ۾ هدايتڪار ۽ فلم ساز وپل امرت لال شاهه طرفان اڪشي ڪمار ۽ ڪترينا ڪيف جي 2007ع ۾ ايندڙ بلاڪ بسٽر فلم ”نمستي لنڊن“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. پروڊيوسر فلم جي سيڪوئل ۾ صرف هيروئن کي تبديل ڪندي سوناڪشي سنها کي چونڊيو هو، جڏهن ته هيرو لاءِ اڪشي ڪمار ئي چونڊيو ويو هو. ان موقعي تي وپل امرت لال شاهه طرفان ”نمستي انگلينڊ“ جي شوٽنگ ڪرڻ چاهي پيو، پر اڪشي ڪمار مصروفيت سبب ان کي وقت نه پيو ڏئي سگهي جنهن بعد هدايتڪار کلاڙي هيرو کي خارڪ ڪندي ان جي جڳهه تي ارجن ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو. ڊي اين اي مطابق پروڊيوسر طرفان اڪشي ڪمار کي خارج ڪرڻ جي خبر ٻڌڻ بعد اداڪارا سوناڪشي سنها به فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سوناڪشي سنها بعد پروڊيوسر پرينيتي چوپڙا کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي پر اهو واضح ناهي ته فلم جي شوٽنگ ڪڏهن شروع ٿيندي. ڀارتي ميڊيا مطابق سوناڪشي سنها فلم ۾ ان لاءِ ڪم کان انڪار ڪيو ڇو ته ماضي ۾ ان ۽ ارجن ڪپور وچ ۾ افيئرز جون خبرون گردش ڪنديون رهيون آهن، ياد رهي ته سوناڪشي سنها ۽ اڪشي ڪمار رائوڊي راٺوڙ، جوڪر، اوه مائي گاڊ، ون اپن ٽائم ان ممبئي دوبارا ۽ باس سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے