21 بدھ , فروری 2018

متحده جي گرفتار ۽ گم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻو

download (3)ڪراچي (رپورٽر ) ايم ڪيو ايم جي گرفتار ۽ گم ڪارڪنن جي آزادي ۽ سندن وارثن سان اظهار يڪجهتي لاءِ متحده ڪارڪنن گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي  ۾گم ٿيل ۽ گرفتار ڪارڪنن جي وارثن، عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو ته هن وقت تائين ايم ڪيو ايم جا 173 ڪارڪن لاپتا آهن جڏهن ته 12 سئو ڪارڪن جيلن ۾ واڙيل آهن، هن چيو ته ڪراچي آپريشن کي ڏوهاري ماڻهن تائين محدود ڪيو وڃي جڏهن ته ان کي تڪراري يا سياسي نه بڻايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا هن وقت جيل ۾ آهي جڏهن ته قمر منصور کي به گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ايم ڪيو ايم جا اسيمبلين جا ميمبر عدالتن جا ڌڪا کائي رهيا آهن پر انهن سان انصاف نه ٿي رهيو آهي، ان موقعي تي عامر خان، رئوف صديقي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راجا ظفرالحق جي رپورٽ عدالت ۾ پيش، ختم نبوت تي سوديبازي نه ٿيندي: جسٽس عزيز صديقي

اسلام آباد ( بيورو ) ختم نبوت بابت راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے